Share this link via
Personality Websites!
ڪا خبر ئي نه رهي.
آؤ اِک سجدہ کریں عالَمِ مدہوشی میں لوگ کہتے ہیں کہ ساغَرؔ کو خُدا یاد نہیں
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي سفرِ حج جو ادب سيکاريو ويو ته هن راهه ۾ تقويٰ ساڻ کڻي وڃو! ان جو هڪ طريقو جيڪو سمجهه ۾ اچي رهيو آهي، اُهو هي آهي ته اسان اهلِ تقويٰ سان گڏ وڃون۔ جيڪي پاڻ نيڪيون ڪرڻ وارا هجن، گناهن کان بچڻ وارا هجن، بهتر آهي ته جيڪي عاشقِ رسول عالم سڳورا هجن، انهن سان گڏ سفر ڪريون! ان جي برڪت سان علمِ دين به سکڻ لاءِ ملندو رهندو، گڏوگڏ گناهن کان به بچيا رهنداسين.
حضرت مُخَوَّل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون کي فرمايو: منهنجو حج جو ارادو آهي، ڪنهن کي منهنجو رفيقِ سفر بڻائي ڇڏيو! منهنجو هڪ پاڙيسري به حج تي وڃڻ وارو هو، مون ان پاڙيسري کي حضرت بُہيۡم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو رفيق بڻائي ڇڏيو۔
حضرت بُہيۡم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام نيڪ ۽ متقي بزرگ هئا، خوفِ خدا سبب تمام گهڻو روئيندا هئا، حضرت مُخَوَّل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي پاڙيسري کي جڏهن سندن روئڻ جي باري ۾ خبر پئي ته هُو مون وٽ آيو ۽ چيائين: مان حضرت بُهَيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان گڏ نه ٿو وڃي سگهان، مون کي ڪنهن ٻئي جو رفيق بڻائي ڇڏيو! مون حيرت مان کانئس پڇيو: اسان جي پُوري شهر ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami