Share this link via
Personality Websites!
رکيون وينديون آهن، صحيح آهي، اِهي رکڻ گهرجن، سنت مان به اسان کي اِن جي ترغيب ملي ٿي پر هڪ ٻي شيءِ به آهي جيڪا هن سفر ۾ ساڻ رکڻي آهي، اها ڪهڙي آهي؟ فرمايو ويو:
فَاِنَّ خَیْرَ الزَّادِ التَّقْوٰى٘- (سيپارو: 2، سورة بقرة: 197)
ترجموڪنزالعرفان:پوءِ سڀ کان بهتر ثمر يقيناً پرهيزگاري آهي.
بهترين زادِ راهه تقويٰ آهي۔ * هي سفرِ عشق آهي، هي سفرِ محبت آهي * هن سفر ۾ رِقَت گهرجي، دل جي نرمي گهرجي * جڏهن ڪعبي شريف تي نظر پوي ته اکين مان ڳوڙها ڪِرڻ شروع ٿي وڃن * جڏهن طواف ڪري رهيا هجون ته الله پاڪ جي حضور حاضري جو تصور ذهن ۾ هجي * دل عاجزي سان جهڪيل هجي * اکين مان نِيرَ جاري هجن * وِکَ وِکَ تي دل ۾ محبتِ الٰهِي ڇوليون هڻي رهي هجي، هن سفر ۾ اِهي شيون ذوق کي وڌائڻ واريون آهن، هن مبارڪ سفر جون برڪتون ٻيڻيون ڪرڻ واريون آهن. اِهي ڪيئن اينديون؟ جڏهن دل ۾ تقويٰ هوندي ۽ ائين نه آهي ته جڏهن اسان جهاز ۾ ويهنداسين ته تقويٰ اسان جي جهولي ۾ وڌي ويندي، نه نه...!! اِها تقويٰ اسان کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻي آهي، پنهنجي گهر ۾ تقويٰ اختيار ڪرڻي آهي، عام زندگي ۾ تقويٰ اختيار ڪرڻي آهي، گناهن کان بچڻو آهي، نيڪيون ڪرڻيون آهن، ان جي برڪت سان دل ۾ رِقَت ايندي، جڏهن سينو محبتِ الٰهِي جو خزانو بڻجي ويندو ته پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري جو لطف ئي نرالو هوندو. انهيءَ ڪري حج ۽ عمري جي تياري ڪري رهيا هجو ته زادِ راهه ۾ تقويٰ کي به لازمي شامل ڪريو ڇوته هِي بهترين زادِ سفر آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami