Share this link via
Personality Websites!
ٿي ويندي آهي. هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته حج جي صدقي جيتوڻيڪ ڪبيره گناهه به معاف ٿي ويندا آهن، پر! انهن جي تلافي جي ذميواري پوءِ به باقي رهندي آهي، مثال طور نماز قضا ڪرڻ ڪبيره گناهه آهي، حج جي صدقي اِهو گناهه ته معاف ٿي ويندو پر قضا ٿي ويل نماز پوءِ به پڙهڻي پوندي.
یا خدا! حج پہ بُلا آکے میں کعبہ دیکھوں کاش!اِک بار میں پھر میٹھا مدینہ دیکھوں
پھر مُیَسَّر ہو مجھے کاش وُقُوفِ عَرَفات جلوہ میں مُزدلِفہ اور مِنٰی کا دیکھوں
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو:
وَ تَزَوَّدُوْا فَاِنَّ خَیْرَ الزَّادِ التَّقْوٰى٘-وَ اتَّقُوْنِ یٰۤاُولِی الْاَلْبَابِ(۱۹۷) (سيپارو: 2، سورة بقرة: 197)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ثمر ساڻ کڻو پوءِ سڀ کان بهتر ثمر يقيناً پرهيزگاري آهي ۽ اي عقل وارؤ! مون کان ڊڄندا رهو.
هي حج جي سفر جو هڪ ادب ٻڌايو پيو وڃي ته سفرِ حج هجي يا سفرِ عمره هجي، ان لاءِ اسان کي ضروري سامان سان کڻڻو آهي، ضروري خرچن جو انتظام ڪري هلڻو آهي، اِهو اڪثر ڪري ماڻهو ڪري رهيا هوندا آهن، وڏا وڏا ٿيلها خريد ڪيا ويندا آهن، هڪ هڪ شيءِ وڏي احتياط سان رکي ويندي آهي، سُئِي، ڌاڳو، سُرمو، ٽُوال، ننڍيون ننڍيون شيون به وڏي احتياط سان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami