Share this link via
Personality Websites!
سفر جي باطني آدابن جو ڪيڏو نه پيارو نقشو پيش ڪيو آهي...!! * ماڻهو جڏهن حج جي ارادي سان گهر کان نڪري ته گناهن ڀريون عادتون به مڪمل طور ڇڏي ڏي * سِبيل ڪپڙا لاهي جڏهن ڪفن جهڙيون 2 چادرون (يعني احرام) ٻڌي ته ساڳي وقت غصو، حرص، ڪينو، بغض، حسد وغيره باطني بيماريون به دل مان ڪڍي اڇلائي ڇڏي * ميدانِ عرفات ۾ ترسي ته عبادت تي خوب ڄَميل رهي * قرباني ڪري ته اُن وقت نفسِ اماره کي به قربان ڪري ڇڏي * شيطان ڏانهن پٿريون اڇلي ته ان وقت نفساني خواهشن کي به ڦِٽو ڪري ڇڏي * ۽ جڏهن طواف ڪري ته ...!! سُبْحٰنَ اللہ! محبتِ الٰهِي ۾ گم ٿي، الله پاڪ جي لطف و ڪرم تي نظرون ڄمائي، پنهنجي گناهن تي روئيندو، رحمت ۽ بخشش حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپندو، ان جي خفيه تدبير کان ڊڄندو، ڪعبي شريف کي شمع سمجهي پرواني جيان ان جي چوڌاري چڪر لڳائي، دل محبتِ الٰهي سان لُڇي رهي هجي، اکين مان ڳوڙهن جي برسات جاري هجي...!! الله! الله! جيڪڏهن اهڙو حج يا عمرو ڪرڻ نصيب ٿي وڃي ته ان جي ڳالهه ئي نرالي آهي ...!!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
هاءِ! افسوس! اڄڪلهه حالتون تمام نازڪ آهن، سفرِ حج يا سفرِ عمره ۾ به گناهن جي ڀرمار ڏسڻ ۾ ايندي آهي، سمورا حاجي اهڙا هجن، اهو ضروري ناهي، پر! * هڪ تعداد آهي جن جون سفرِ حج ۾ به نمازون قضا ٿي رهيون هونديون آهن * بلڪه هڪ وڏو تعداد اهڙن جو به هوندو، جن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami