Share this link via
Personality Websites!
بغير جوتن جي جهنگلن ۽ ميدانن ۾ پيدل سفر ڇو فرمايو؟ هاڻي توبهه ڪرڻ واري اڳوڻي وزير صاحب جو عشق ڀريو جواب ٻڌو! فرمايائون: توهان ٻڌايو ته جڏهن هڪ ٻانهو پنهنجي مولا جي دروازي تي حاضري ڏئي، ته ان وقت سندس حالت ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ مان ته پيدل هلندي حاضر ٿيو آهيان، حق ته اِهو هو ته مٿي سان هلي اچان ها.[1]
حرم کی زمیں اور قدم رکھ کے چلنا اَرے سَر کا مَوقع ہے او جانے والے[2]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان کي به اهڙي عشق ۽ مستيءَ سان ڀرپور، ايمان افروز حج ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔
هڪ ڀيري هڪ شخص عظيم وليُّ الله حضرت جنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پاڻ (سلام دعا کان پوءِ) پڇيو: ڪٿان کان آيا آهيو؟ عرض ڪيائين: حج ڪرڻ ويو هئس، اتان ئي آيو آهيان. فرمايائون: حج ڪري ورتو؟ چيائين: جي ها! ڪري ورتو. هاڻي پاڻ کيس حج جا باطني راز سمجهائيندي ڪجهه سوال ڪيا، فرمايائون: * جڏهن گهر کان روانا ٿيا هئا، تڏهن گناهه به ڇڏي ڏنا هئا؟ چوڻ لڳو: نه، ائين ته نه ٿيو. فرمايائون: پوءِ ته توهان گهر کان ئي روانا نه ٿيا. * وڌيڪ پڇيائون: جڏهن ميقات تان اِحرام ٻڌو هو ۽ سُبيل ڪپڙا لاٿا هئا، تڏهن بشري صفتون (مثلاً ڪاوڙ، ڪينو، حرص، حسد وغيره) به لاٿيون هيون يا نه؟ چيائين: جي! ائين ته نه ڪري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami