Share this link via
Personality Websites!
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم:
اَوْلَی النَّاسِ بِیْ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ اَکْثَرُہُمْ عَلَیَّ صَلَاۃً
قيامت جي ڏينهن ماڻهن مان منهنجي سڀ کان ويجهو اُهو شخص هوندو جيڪو منهنجي مٿان سڀني کان وڌيڪ درود شريف پڙهڻ وارو هوندو.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! درود پاڪ ڪيڏي نه اعليٰ نيڪي آهي جنهن جي برڪت سان قربِ مصطفيٰ نصيب ٿيندو آهي. هن حديث پاڪ جي تحت مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ لکن ٿا ته قيامت جي ڏينهن سڀني کان وڌيڪ آرام ۾ اُهو شخص هوندو جيڪو حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سان گڏ هوندو ۽ حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي همراهي (يعني قرب يا ويجهڙائپ) نصيب ٿيڻ جو ذريعو درود شريف جي ڪثرت ڪرڻ آهي. ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami