Share this link via
Personality Websites!
ترجمو ڪنزُ العرفان: يقيناً ان اڃان تائين پورو نه ڪيو جيڪو الله ان کي حڪم ڏنو هو. (سيپارو: 30، عبس: 23)
پنهنجي اصلاح کان غفلت عذاب جي هڪ صورت آهي
اي عاشقانِ رسول! اسان کي هر هر گهڙي پنهنجي اِصْلاح جي ضرورت آهي، ڪو ڊاڪٽر هجي يا انجنيئر، وڪيل هجي يا جج، بادشاهه هجي يا غلام، امير هجي يا غريب، سيٺ هجي يا مزدور، عالِم هجي يا جاهِل، سائنسدان هجي يا دڪاندار، ڪو ڪنهن به مرتبي تي هجي، هر هڪ کي هر وقت پنهنجي اِصلاح ۾ مَصرُوف رهڻ ضروري آهي، پنهنجي اِصلاح کان غافِل ٿي وڃڻ عذابِ اِلٰهي جي هڪ صورت آهي، سيپارو 28، سُوْرَۃُ الْحَشْر، آيت: 19 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰىهُمْ اَنْفُسَهُمْؕ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ(۱۹)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن الله کي وساري ڇڏيو ته الله انهن کي انهن جون جانيون وسارائي ڇڏيون، اهي ئي نافرمان آهن. (سيپارو: 28) الحشر: 19)
افسوس! اسان پاڻ کان غافل رهي ٻين تي تَنقيد ڪرڻ وارا ٿي ويا آهيون. الائجي ڇو ٻين جا عيب ڳولڻ، ٻين جي گريبان ۾ جهاتيون پائڻ، ٻين جي ڪردار ۾ ڪيڙا ڪڍڻ اسان ڪٿان سکيو آهي، اَلحَمدُ جي اَلِفْ کان وٺي وَالنَّاس جي سِيْن تائين پورو قرآنِ ڪريم پڙهي وٺو، الله پاڪ ڪٿي هڪ ڀيرو به ٻين جا عيب ڳولڻ جي تَرغيب ناهي ڏني بلڪه ان کان منع ڪيو ويو آهي، اها اِسلام جي خاصيت آهي ته اِسلام اسان کي ٻين کي نيڪي جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami