Share this link via
Personality Websites!
وَ مَنْ كَانَ فِیْ هٰذِهٖۤ اَعْمٰى فَهُوَ فِی الْاٰخِرَةِ اَعْمٰى
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو هن حياتيءَ ۾ انڌو ٿيندو اهو آخرت ۾ به انڌو ٿيندو.
(سيپارو: 15، بني اسرائيل: 72)
تفسير نُورُ الْعِرفان ۾ هن آيت جي تحت لکيل آهي: يعني دنيا ۾ جنهن جي دل انڌي رهي، هدايت قبول نه ڪئي، اهو آخرت ۾ ڇوٽڪاري ۽ جنت جي راهه ڏسڻ کان انڌو هوندو.[1]
غور فرمايو! *الله پاڪ اسان کي نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو شخص نماز جي تَلقين ته ڪري پر پاڻ نماز نه پڙهي ڇا ان الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪيو؟ * الله پاڪ روزا رکڻ جو حڪم ڏنو * الله پاڪ ڪوڙ * گلا غيبت * چغلي * حسد * تڪبر * بَدگماني * وعده خلافي * الزام لڳائڻ * گار گند کان بچڻ * نگاهون هيٺ رکڻ * والدين جو اَدب ڪرڻ * ڀينرن ڀائرن جي حقن جو خيال رکڻ * پاڙيسرين سان نيڪ سُلوڪ ڪرڻ * مائٽن سان ڀلائي ڪرڻ * ظاهِري گُنَاهن کان بچڻ * باطني بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪڏهن ڪو انهن سڀني ڪمن جي ٻين کي تلقين ته ڪري پر پاڻ انهن تي عمل نه ڪري، ڇا اُن الله پاڪ جي اَحڪامن تي عَمَل ڪيو؟
كَلَّا لَمَّا یَقْضِ مَاۤ اَمَرَهٗؕ(۲۳)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami