Share this link via
Personality Websites!
اسلام جي سچائي ٻڌايو ٿا ۽ پاڻ پنهنجي ذات کي وساري ڇڏيو ٿا...!! ڇا توهان کي عقل ناهي...؟ توهان ايڏي وڏي بيوقوفي ڪيئن ڪري سگهو ٿا...؟[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه مان اهو سبق مليو ته قَول ۽ فِعل جو تَضَاد يعني چوڻ ڪجهه... ۽ ڪرڻ ڪجهه ٻيو، ٻين کي ته سمجهائڻ پر پاڻ عمل نه ڪرڻ، اها تمام وڏي بي وقوفي آهي، عقلمند کي گهرجي ته الله پاڪ جيڪو حق ان تي واضح فرمايو آهي، سڀ کان پهريان ان تي پاڻ عمل ڪري ۽ گڏوگڏ ٻين کي به ان جي تَرغيب ڏياري.
حضرت عَدِي بن حاتِم رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي، حُضُورِ اَقْدَس صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن ڪجهه ماڻهن کي جنت جي طرف وٺي وڃڻ جو حڪم ٿيندو، ايستائين جو جڏهن اهي جنت جي ويجهو پهچي ان جي خوشبو سنگهندا، ان جا محل ۽ ان ۾ جنتين جي لاءِ تيار ڪيل نعمتون ڏسي وٺندا، ته آواز ڏنو ويندو: انهن کي جنت کان موٽائي ڇڏيو ڇو ته انهن جو جنت ۾ ڪو حصو ناهي. (اهو اعلان ٻڌي) اهي اهڙي حسرت سان موٽندا جو ان جهڙي حسرت سان ان کان پهريان ماڻهو نه موٽيا هوندا، پوءِ اهي عرض ڪندا: يا ربّ! جيڪڏهن تون پنهنجو ثواب ۽ پنهنجي اولياءَ لاءِ تيار ڪيل نعمتون ڏيکارڻ کان پهريان ئي اسان کي جهنم ۾ داخل ڪري ڇڏين ها ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami