Share this link via
Personality Websites!
تفسير روحُ البيان ۾ هڪ روايت هن طرح آهي ته اهي غريب ماڻهو جن مان بني اسرائيل جي عالمن کي ڪا دنياوي لالچ نه هئي، نه اهي انهن کي ڪجهه ڏئي سگهندا هئا، اهي بڇڙا ۽ لالچي عالِم انهن غريبن کي ڳُجهي نموني چئي ڇڏيندا هئا ته اسلام سچو دين آهي، محمد (صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم) سچا نبي آهن، توهان سندن ڪلمو پڙهي وٺو! پر جيڪي امير ماڻهو هئا، جن مان انهن بُرن عالمن کي نذرانا ملندا هئا، اهي جڏهن انهن کان اسلام بابت پڇندا هئا ته هي انهن جي سامهون ڪوڙ ڳالهائيندا هئا ۽ پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي سچي نبي هئڻ جو انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. اهي سمجهندا هئا ته هي امير ماڻهو جيڪڏهن هٿ مان نڪري ويا ته اسان جي آمدني بند ٿي ويندي. انهن جي ان رويي بابت هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي،[1] الله پاڪ ارشاد فرمايو:
اَتَاْمُرُوْنَ النَّاسَ بِالْبِرِّ وَ تَنْسَوْنَ اَنْفُسَكُمْ وَ اَنْتُمْ تَتْلُوْنَ الْكِتٰبَؕ-اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ(۴۴)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا توهان ماڻهن کي ڀلائي جو حڪم ڏيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساريو ٿا حالانڪه توهان ڪتاب پڙهو ٿا پوءِ ڇا توهان کي عقل ناهي.
(سيپارو: 1، البقرة: 44)
يعني اي بني اسرائيل جا عالِمو...!! توهان توريت پڙهو ٿا، توهان حق ۽ سچ کي ڄاڻو ٿا، توهان جي اندر حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، توهان ڄاڻو ٿا ته جيڪو ٻين کي سمجهائي، ٻين کي چڱائي جو حڪم ڏئي پر پاڻ عمل نه ڪري، روزِ قيامت اهو سخت عذاب جو حقدار هوندو، ان جي باوجود توهان ٻين کي ته ڀلائي جو حڪم ڏيو ٿا، ٻين کي ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami