Share this link via
Personality Websites!
ڪندي فرمائن ٿا: * مرشد پارس پٿر جيان آهي (پارس پٿر هڪ خاص پٿر آهي، چيو ويندو آهي: جيڪا شيءِ ان پٿر سان ڇهي وڃي اها سون بڻجي ويندي آهي، پير به ان پٿر وانگر هوندو آهي جو گهٽ حيثيت رکندڙ انسان کي پنهنجي نگاهه سان بلند رتبو ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ انمول بڻائي ڇڏيندو آهي)، سلطان باهو رَحمۃُ اللہِ عَلَيه وڌيڪ فرمائن ٿا: * پير جي نظر سج جيان هوندي آهي جيڪا برين عادتن کي سٺين عادتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي * مرشد اخلاقِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سان متصف هوندو آهي * ماءُ پيءُ کان وڌيڪ مهربان هوندو آهي * الله پاڪ جي راهه ٻڌائڻ وارو * بهترين رهنماء * منزل تائين پهچائڻ وارو * بند رستا کولڻ وارو * دنيا ۽ مال ودولت کان بي نياز * لالچ کان پاڪ ۽ * طالبِ حق کي دل ۽ جان کان عزيز رکڻ وارو هوندو آهي. سو مرشد اهو آهي جو یُحْیِ الْقَلْبَ وَیُمِیْتُ النَّفْسَ جيڪو نفسِ اماره کي ماري دل کي زنده ڪري ڇڏيندو آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه، مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُہمُ العالیہ هن دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت آهن، الحمد لله! اميرِ اهلسنت ڪامِل پير آهن، الحمد لله! سندن دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي لکين ماڻهن جي زندگي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي، ڪروڙين دلين جي اِصلاح ٿي چڪي آهي، گناهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل لکين ماڻهو اڄ الحمد لله! نيڪين ڀري زندگي گذارڻ ۾ ڪامياب آهن، مشورو آهي ته توهان به وليءِ ڪامِل، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُہمُ العالیہ جا مريد ٿي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصْلاح جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي وڃو،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami