Share this link via
Personality Websites!
احساسِ ندامت آهي نه آخرت جو خوف
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو ته الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو انداز ڪيترو اعليٰ هو، اهي ڪيئن پنهنجو جائزو وٺندا هئا. هر دم نيڪين ۾ مصروف رهڻ جي باوجود پنهنجو پاڻ کي گناهه گار تصور ڪندا ۽ هميشه الله پاڪ کان ڊڄندا رهندا هئا ايستائين جو خوفِ خدا جي غلبي سبب ڪن جا روحَ پرواز ڪري ويندا هئا. پر افسوس! اسان جي حالت اها آهي جو ڏينهن رات گناهن جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهڻ جي باوجود نه اِحساسِ ندامت آهي نه خوفِ آخرت...!! نيڪ ٻانها شب بيداريون ڪندا، ڪثرت سان روزا رکندا، ڪيترائي ڀلائي وارا ڪم سر انجام ڏيندا پر پوءِ به پاڻ کي گهٽ ترين خيال ڪندي خوفِ خدا کان روئندا رهندا هئا.
هڪ ڀيري حضرتِ عُتْبَہ غُلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ گهر وٽان گذريا ته ڪنبڻ لڳا ۽ پگهر اچي ويو! ماڻهن جي پڇڻ تي فرمايائون: هيءَ اها جاءِ آهي جتي مون ننڍي ڄمار ۾ گناهه ڪيو هو.[1]
ننڍپڻ جي گناهه کي ياد رکڻ جو نرالو انداز
منقول آهي ته حضرت حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ننڍپڻ ۾ هڪ گناهه ٿي ويو هو. پاڻ رَحمۃُ اللہِ عَلَيه جڏهن به ڪو نئون لباس سبرائيندا هئا ته ان جي
[1]...تنبیہ المغترین، ومن اخلاقہم رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ، کثرۃ خوفہم من اللہ تعالیٰ فی حال...الخ، صفحہ:46۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami