Share this link via
Personality Websites!
پَڑھ پَڑھ عَالِمْ فَاضِلْ ھَوْیَا کَدِی اَپْنے آپ نُوْں پَڑھیا ھِی نَئیں
بُلھے شاہ! اَسْمَانِی اُڈدِیَاں پَھڑ دَا اَیں جِہْڑَا گھر بَیْٹَھا، اَوْنُوْں پَھڑیا ھِی نَئیں
مفهوم: يعني تمام گهڻا ڪتابَ پڙهيا، پڙهي پڙهي عالِم ٿي ويا، پر ڪڏهن پنهنجي اندر جي حالتن کي ڏٺو، پرکيو ئي نه، آسمان ۾ اُڏامندڙ پکي ته پڪڙيو ٿا، مثال طور پوري جهان تي تبصرا ته ڪريو ٿا پر جيڪو گهر ويٺل چور آهي يعني نفسِ اَمَّاره، ڪڏهن ان کي پڪڙي ان جو حساب ورتو ئي ناهي.
حضرتِ اِبْنِ صِمَّہ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن، پاڻ هڪ ڀيري پنهنجو محاسبو ڪندي (يعني پنهنجي اعمالن جو جائزو وٺندي) پنهنجي عمر ڳڻي ته اها (تقريباً) 60 سال بڻي. انهن 60 سالن کي 12 سان ضرب ڏيڻ تي 7 سئو 20 مهينا ٿيا. 7 سئو 20 کي وڌيڪ 30 سان ضرب ڏنائون (يعني ضرب ڪيائون) ته حاصِلِ ضَرب 21 هزار 600 آيو. جيڪي پاڻ رَحمۃُ اللہِ عَلَيه جي مبارڪ عمر جا ڏينهن هئا. پوءِ پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا: جيڪڏهن مون کان روزانو هڪ گناهه به ٿيو هجي ته هينئر تائين 21 هزار 600 گناهه ٿي چڪا! جڏهن ته هن عرصي ۾ اهڙا ڏينهن به شامل هوندا جن ۾ روزانو هڪ هزار تائين به گناهه ٿيا هوندا. اهو چوڻ هو ته خوفِ خدا کان ڏڪڻ لڳا! پوءِ اوچتو هڪ رڙ سندن وات مان نڪري فضا ۾ گم ٿي وئي ۽ پاڻ زمين تي تشريف کڻي آيا. ڏٺو ويو ته روح پرواز ڪري چڪو هو.[1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami