Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اڄ جي دور جو وڏو مسئلو آهي ته اڄ اسان کي ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان فرصت نٿي ملي پر اسان جا بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ٻين تي تنقيد گهٽ ۽ پنهنجي اِصلاح تي وڌيڪ تَوجھ ڏيندا هئا. حضرت اِبراهيم تَيمِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، هڪ ڏينهن پاڻ اهو خيال ڪيائون ته ڄڻ پاڻ جهنم ۾ آهن، باهه جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن، ٿوهر (يعني زهريلو ڪنڊن وارو وڻ) کائي رهيا آهن، دوزخين جي پونءِ پي رهيا آهن، انهن خيالن کان پوءِ خود پنهنجو پاڻ کان پڇيائون: ٻڌاءِ! توکي ڇا گهرجي (جهنم جو اهڙو هولناڪ عذاب يا ان کان ڇوٽڪارو؟) اندران آواز آيو: ڇوٽڪارو گهرجي. ان کان پوءِ پاڻ اهو خيال ڪيائون ته ڄڻ پاڻ جنت ۾ آهن، اتان جا ميوا کائي رهيا آهن، جنتي واهن مان شربت پي رهيا آهن. انهن خيالن کان پوءِ خود پاڻ کان پڇيائون: اي نفس! توکي ڪهڙي شيءِ جي خواهش آهي؟ (جنت جي يا دوزخ جي؟) نفس چيو: مون کي جنت جي خواهش آهي. هاڻي خود پنهنجو پاڻ کي سمجهائيندي فرمايائون: اي نفس! في الحال توکي مهلت مليل آهي، (تون اڃان زنده آهين، هاڻي توکي پاڻ ئي رستو اختيار ڪرڻو آهي، توکي اهو اڄ ئي فيصلو ڪرڻو پوندو ته توکي سڌري ڪري جنت ۾ وڃڻو آهي يا بگڙجي دوزخ ۾ ڪِرڻو آهي. تنهنڪري ان حساب سان عَمَل ڪر)[1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami