Share this link via
Personality Websites!
ڪرڻ ۽ تمام گهڻا سوال ڪرڻ.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جي ڏينهن هر نعمت بابت سوال ڪيو ويندو. هڪ محتاج شخص نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا مون تي به ڪا نعمت آهي (جنهن بابت مون کان پڇيو ويندو)؟ فرمايائون: ها، سايو، جتيون ۽ ٿڌو پاڻي توکي به ميسر آهي، قيامت جي ڏينهن انهن بابت پڇيو ويندو[2].
(1) اسراف (فضول خرچي ڪرڻ) مذموم (برائي) آهي.[3] (2): ٻن صورتن ۾ اسراف ناجائز ۽ گناهه آهي (1): هڪ (اهو) ته ڪنهن گناهه جي ڪم ۾ خرچ ڪرڻ. مثال طور: شراب نوشي، جوا، گانن باجن ۾ مال خرچ ڪرڻ. (2): بيڪار صرف مال ضايع ڪرڻ. مثال طور: بچيل کاڌو اڇلائي ڇڏڻ، بغير ضرورت پنکا، لائيٽون، نل وغيره هلندڙ ڇڏي ڏيڻ.[4] (3): مسجد يا مدرسي جي پاڻي سان وضو ڪرڻ وقت ضرورت کان وڌيڪ پاڻي خرچ ڪرڻ حرام آهي.[5]
* اسراف تنگدستي جو سبب آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو الله پاڪ جي نعمت جي قدر نٿو ڪري، ان کان اها نعمت کسي ويندي آهي. * اسراف ڪرڻ شيطاني ڪم آهي. * اسراف ڪرڻ واري کي شيطان جو ڀاءُ چيو ويو آهي. * اسراف ڪرڻ وارو الله پاڪ کي پسند ناهي. * قيامت جي ڏينهن اسراف جو حساب ڏيڻو پوندو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami