Share this link via
Personality Websites!
۾ نماز پڙهندو رهڻ، ان کي نماز قائم رکڻ چوندا آهن. صوفي سڳورن ان جي وضاحت ائين ڪئي ته قلب ۽ قالب (يعني دل ۽ جسم کي) الله پاڪ جي طرف متوجهه رکي نماز پڙهڻ نماز قائم رکڻ آهي.[1]
حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيان ڪن ٿا ته سرورِ دوجهان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عالي شان آهي: جڏهن ٻانهو نماز لاءِ بيهندو آهي ته اهو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندو آهي، جڏهن هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو آهي ته الله پاڪ ارشاد فرمائيندو آهي: تون ڪنهن جي طرف ڏسي رهيو آهين؟ ڇا مون کان بهتر جي طرف ڏسي رهيو آهين؟ اي ابن آدم (يعني اي انسان!) منهنجي طرف متوجهه ٿي وڃ! مان ان کان بهتر آهيان جنهن جي طرف تون ڏسي رهيو آهين.[2]
حضرت عبدُالله بن مبارڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ننڍپڻ ۾ ڏٺل هڪ عبادت گذار خاتون مون کي چڱي طرح ياد آهي. نماز جي حالت ۾ وڇونءَ (Scorpion) ان کي 40 ڏنگ هنيا پر ان جي حالت ۾ ٿورو به فرق نه آيو. جڏهن هوءَ نماز کان فارغ ٿي ته مون چيو: امڙ! ان وڇونءَ کي توهان هٽايو ڇو نه؟ جواب ڏنائين: پٽ! اڃا تون ٻار آهين، اهو ڪيئن مناسب هو! مان ته پنهنجي رب جي ڪم ۾ مشغول هيس، پنهنجو ڪم ڪيئن ڪريان ها؟[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami