Share this link via
Personality Websites!
بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پاتي ويندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: والدين، گهرواري ٻارن ٻچن وغيره جو قسم کڻڻ، ناجائز ۽ گناهه آهي.
وضاحت: عام طور تي اسان وٽ اهو انداز پاتو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ وغيره جو قَسم کڻندا آهن، مثال طور ڪو چوندو آهي: مون کي منهنجي کير پياڪ ٻار جو قسم! ڪو چوندو آهي: منهنجي فوت شده والدين جو قسم! وغيره. ياد رکو! اهڙو قسم کڻڻ ناجائز ۽ گناهه آهي.[1] حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: بيشڪ الله پاڪ توهان کي پنهنجي پيءُ جو قسم کڻڻ کان منع فرمائيندو آهي، جيڪو شخص قسم کڻي ته اهو الله جو قسم کڻي يا چپ رهي.[2] نوٽ: ائين غير الله جو قسم کڻڻ سان ڪفارو لازم نه ٿيندو.
الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami