Share this link via
Personality Websites!
وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ زڪوات ادا ڪريو. (سيپارو: 1، البقرة: 43)
پيارا اسلامي ڀائرو! زڪوات به تمام اهم ترين عبادت آهي، اسلام جي 5 بنيادي رڪنن مان هڪ بنيادي رڪن آهي. ان جا به گهڻا فضائل ۽ گهڻيون برڪتون آهن. هڪ سبق آموز روايت ٻڌي وٺو!
امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: جنهن پنهنجي قيمتي مال مان رضامندي ۽ خوش دلي سان زڪوات ادا ڪئي ته* پهرين آسمان ۾ ان جو نالو سَخِيٌّ (يعني سخاوت ڪرڻ وارو) آهي* ٻئي ۾ ان جو نالو مُبَارَکٌ (يعني ان جي مال جان ۾ برڪت رکي وئي آهي)، ان جو مال محفوظ رهندو * ٽئين ۾ ان جو نالو جَوَّادٌ (يعني گهڻي سخاوت ڪرڻ وارو) آهي * چوٿين آسمان ۾ ان جو نالو مُطِیْعٌ (يعني فرمانبردار) آهي*پنجين ۾ ان جو نالو بَارٌّ (يعني نيڪوڪار) آهي* ڇهين آسمان ۾ ان جو نالو مَحْفُوْظٌ (يعني ان جي حفاظت ڪئي وئي) آهي ۽ * ستين آسمان ۾ مَغْفُوْرٌ (يعني معاف ڪيل) آهي.
۽ جيڪڏهن (معاذالله!) هو پنهنجي مال جي زڪوات ادا نه ڪندو آهي ته * پهرين آسمان ۾ ان جو نالو آهي: بَخِیْلٌ (يعني ڪنجوس) * ٻئي ۾ ہَالِکٌ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami