Share this link via
Personality Websites!
جي جماعت ڇڏجي ويندي آهي، ان کي افسوس ٿيڻ ته پري رهيو ان جي کلڻ ڳالهائڻ ۾ ڪنهن قسم جو فرق به ناهي ايندو! ڪاش...!! جماعت ترڪ ڪرڻ وارن کي اهو احساس ٿي وڃي ته جماعت ترڪ ڪرڻ جي صورت ۾ انهن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي. روايتن مطابق * فرض نماز جماعت سان ادا ڪرڻ ۾ ايمان وارو هجڻ جي شاهدي آهي* الله پاڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن کي محبوب (يعني پيارو) رکندو آهي* نمازِ باجماعت اڪيلي پڙهڻ کان 27 درجا افضل آهي* الله پاڪ ۽ ان جا فرشتا باجماعت نماز پڙهڻ وارن تي درود موڪليندا آهن* باجماعت عشاء جي نماز پڙهڻ ڄڻ اڌ رات قيام (يعني عبادت) ڪرڻ آهي* فجر جي نماز باجماعت پڙهڻ ڄڻ پوري رات قيام (يعني عبادت) ڪرڻ آهي*باجماعت نماز پڙهڻ وارو پل صراط تان سڀ کان پهريان بجليءَ وانگر گذرندو* باجماعت نماز ادا ڪرڻ وارن جي شان و شوڪت ڏسي محشر وارا رِيسَ ڪندا* ان جا گناهه بخشيا ويندا *جيڪو نمازِ باجماعت لاءِ مسجد ۾ اچي، ان کي هر قدم جي بدلي ثواب ملندو*مسجد جي طرف ويندڙ جي هر قدم تي هڪ درجو بلند ٿيندو آهي ۽ *هڪ گناهه ڊاٿو ويندو آهي*الله ڪريم ان جي لاءِ صبح ۽ شام جنت ۾ مهماني جو اهتمام فرمائيندو*نماز لاءِ کڄندڙ هر قدم صدقو آهي *ٻانهو جيستائين نماز جو انتظار ڪندو رهي، ڀلائي تي رهندو*الله پاڪ جي حفاظت ۾ رهندو*شيطان کان محفوظ رهندو*باجماعت نماز پڙهڻ واري کي روز قيامت عرش جي ڇانوَ نصيب ٿيندي*ان کي جهنم، منافقت ۽ غفلت کان نجات نصيب ٿيندي*۽ نمازِ باجماعت جي هڪ برڪت آهي ته ان جي صدقي پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي.[1] هڪ ڊگهي حديثِ پاڪ ۾ آهي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami