Share this link via
Personality Websites!
وڃائي ڇڏيو پر هاءِ! اسان جي سستي ۽ غفلت جو علاج ڪير ڪري! افسوس! اهو دور اچي ويو آهي جو بيشمار نمازي به هاڻي جماعت جي پرواهه ناهن ڪندا بلڪه ڪڏهن نماز به قضا ٿي وڃي ته انهن کي ڪنهن قسم جو ڏک ناهي ٿيندو جڏهن ته بزرگان دين، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي حالت هيءَ هئي جو جيڪڏهن انهن کان ڪڏهن تڪبير اوليٰ فوت ٿي ويندي هئي ته 3 ڏينهن ۽ جماعت فوت ٿي ويندي هئي ته ان جو 7 ڏينهن تائين غم ملهائيندا هئا.[1] صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللہُ عنہما جي متعلق منقول آهي ته جيڪڏهن ڪڏهن پاڻ رَضِیَ اللہُ عنہ جي جماعت نڪري ويندي هئي ته ٻي نماز تائين نفلَ پڙهندا رهندا هئا.[2] هڪ روايت ۾ آهي: جڏهن سندن عشاء جي جماعت فوت ٿي ويندي هئي ته پوري رات عبادت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.[3] تابعي بزرگ حضرت سعيد بن عبدالعزيز رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي جڏهن جماعت نڪري ويندي هئي ته پنهنجي ڏاڙهي پڪڙي روئڻ ويهي رهندا هئا.[4]
پنج وقت جي نمازِ باجماعت جا فضائل
اي عاشقانِ رسول! صحابهءِ ڪرام ۽ اولياءِ عظام جي باري ۾ اهو تصور به نٿو ٿي سگهي ته هي ڄاڻي واڻي شرعي اجازت جي بغير جماعت ترڪ فرمائن، ڪنهن مجبوري جي بنا تي جماعت ڇڏجي وڃڻ تي انهن جي هي حالت هوندي هئي پر هاءِ! هاڻي اسان جو هڪ تعداد بغير ڪنهن شرعي مجبوري جي ترڪِ جماعت جي آفت ۾ مبتلا نظر اچي رهيو آهي ۽ جنهن
[1]...مکاشفۃ القلوب، باب فضل صلاۃ الجماعۃ، صفحہ:400۔
[2]...شعب الایمان، باب الحادی والعشرین فی الصلوات، فصل المشی الی المساجد، جلد:3، صفحہ:77، رقم:2923۔
[3]...تاریخ ابن عساکر،رقم:3421، عبداللہ بن عمر بن خطاب، جلد:31، صفحہ:128۔
[4]... تاریخ ابن عساکر،رقم:2514، سعید بن عبدالعزیز بن ابی یحیی،جلد:21، صفحہ:203۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami