Share this link via
Personality Websites!
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي جماعت جي جذبي جو ڇا چوڻ! جو هڪ نماز جي جماعت فوت ٿي وڃڻ تي حضرت محمد بن سماعه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اها نماز 25 ڀيرا پڙهي!
ہو کرم اے رَبِّ رحمت! پئے سرورِ رسالت
نہ نمازِ باجماعت کی چھٹے کبھی سَعَادت([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! مزيد هن واقعي ۾ ملائڪن جي آمين جو به بيان ٿيو، نمازِ باجماعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ آهستي آواز ۾ آمين چئي ويندي آهي، اهڙي طرح دعا کان پوءِ به اسان آمين چوندا آهيون، آمين جي معنيٰ آهي: ائين ئي هجي. فرشتن جي آمين جي به ڪهڙي ڳالهه آهي! فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم آهي: جڏهن امام غَیْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَیْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّیْنَ’چوي ته آمين چئو! جو جنهن جو آمين چوڻ فرشتن جي آمين چوڻ جي مطابق هوندو، ان جا پويان گناهه بخشيا ويندا.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسي وٺو! نمازِ باجماعت جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن. ظاهر آهي جيڪو نماز باجماعت ادا نٿو ڪري، اهو امام صاحب جي سورة فاتحه پڙهڻ کان پوءِ آمين به نه چئي سگهندو ۽ جيڪو ان موقعي تي آمين نه چئي سگهيو يقيناً ان گناهه بخشائڻ جو هڪ عظيم موقعو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami