Share this link via
Personality Websites!
حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان جو مطلب هي آهي ته جماعت سان نماز پڙهو! ڇو ته جماعت جي نماز اڪيلي نماز تي 27 درجا افضل آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هر* مسلمان مرد* عاقل يعني جيڪو عقل مند آهي، چريو ناهي*بالغ آهي، نابالغ ناهي* آزاد آهي، غلام ناهي ۽ *قادر آهي، يعني مسجد تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو، ان تي پنج ئي نمازون مسجد ۾ اچي باجماعت ادا ڪرڻ واجب آهي، جيڪڏهن بغير ڪنهن شرعي مجبوري جي هڪ ڀيرو به جماعت ڇڏيندو ته گنهگار ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪيترائي ڀيرا جماعت ترڪ ڪندو ته اهڙو شخص فاسق آهي.[2] ۽ جيڪو شخص مسجد ۾ پهچڻ جي طاقت نٿو رکي مثال طور نابين آهي، يا ان جون ٽنگون سلامت نه آهن، شديد بيمار آهي، هلي ڦري نٿو سگهي ته اهڙي شخص تي جيتوڻيڪ جماعت واجب ناهي، البت ان لاءِ به افضل اهو ئي آهي ته جئين ممڪن ٿئي مسجد ۾ اچي ۽ نماز باجماعت ئي ادا ڪري.
مسلمانن جا ٻيا خليفا، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: مون ٻنهي جهانن جي سردار، مديني جي تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو ته الله پاڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن کي محبوب (يعني پيارو) رکندو آهي.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami