Share this link via
Personality Websites!
نماز سان رحمت نازل ٿيندي آهي* الله پاڪ محشر ڏهاڙي نمازيءَ کان راضي هوندو* نماز دين جو ٿنڀو آهي* نماز سان گناهه معاف ٿيندا آهن* نماز دعائن جي قبوليت جو سبب آهي*نماز بيمارين کان بچائي ٿي*نماز سان بدن کي سڪون ملندو آهي*نماز سان روزي ۾ برڪت ٿيندي آهي*نماز بي حيائي ۽ بڇڙن ڪمن کان بچائي ٿي*نماز شيطان کي ناپسند آهي*نماز قبر جي اونداهيءَ ۾ اڪيلائي جي ساٿي آهي * نماز نيڪين جي پُڙ کي وزني بڻائي ڇڏيندي آهي* نماز مومن جي معراج آهي* نماز کي وقت تي ادا ڪرڻ تمام اعمال کان افضل آهي * نمازيءَ لاءِ سڀ کان وڏي نعمت اها آهي ته ان کي بروزِ قيامت الله پاڪ جو ديدار ٿيندو.
ہر عِبادت سے برتر عِبادت نماز ساری دَولت سے بڑھ کر ہے دَولت نماز
قلبِ غمگین کا سَامانِ فَرْحَت نماز ہے مریضوں کو پیغامِ صحت نماز
صبر سے اور نمازوں سے چاہو مدد پوری کروائے ہر ایک حَاجَت نماز([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ساڳي آيتِ ڪريمه ۾ نماز بابت هڪ ٻيو حڪم ڏنو ويو ته
وَ ارْكَعُوْا مَعَ الرّٰكِعِیْنَ
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪيو. (سيپارو: 1، البقرة: 43)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami