Share this link via
Personality Websites!
حضرت عبدالرحمٰن صفوري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ نُزهةُ المجالس ۾ هڪ انوکو واقعو بيان فرمايو آهي، جنهن جو خلاصو هي آهي ته هڪ شخص ڪنهن عورت تي عاشق ٿي پيو، آخرڪار همت ڪري ان هڪ خط ۾ ان عورت تي پنهنجي عشق جو اظهار ڪيو. اها عورت نهايت شريف خاندان سان تعلق رکندڙ هئي، خط ڏسي پريشان ٿي وئي، ڇو ته شادي شده به هئي، ڪجهه سوچي سمجهي اهو خط پنهنجي مڙس جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيائين. ان جو مڙس هڪ مسجد جو امام هو ۽ نهايت پرهيزگار هجڻ سان گڏوگڏ ڪافي سمجهدار به هو، ان کي پنهنجي گهرواريءَ تي پورو ڀروسو هو. تنهنڪري ان خط جي جواب ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي معرفت ئي اهو جواب ڏياريائين ته فلاڻي مسجد ۾ فلاڻي امام جي پويان لاڳيتو 40 ڏينهن پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪر، پوءِ اڳتي ڏٺو ويندو. ان عاشق پابنديءَ سان نمازِ باجماعت شروع ڪري ڏني. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا نماز جون برڪتون ان تي ظاهر ٿينديون ويون. جڏهن 40 ڏينهن گذري ويا ته ان جي دل جي دنيا ئي بدلجي چڪي هئي، تنهنڪري ان اهو پيغام موڪلي ڏنو: (محترمه! نماز جي برڪت سان منهنجي اک کلي وئي آهي، مان معاذ الله حرام ڪاريءَ جا خواب ڏسندو هئس پر الله ڪريم جو ڪروڙين ڪروڙ شڪر جو ان مون کي تنهنجي محبت کان ڇوٽڪارو عنايت فرمائي ڇڏيو آهي. اَلْحَمْدُلِلّٰہ!) مون پنهنجي بدنيتي کان توبهه ڪري ورتي آهي ۽ توکان به معافي جو طلبگار آهيان. جڏهن ان نيڪ عورت پنهنجي مڙس کي اهو پيغام ٻڌايو ته ان جي زبان مان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami