Share this link via
Personality Websites!
ھڪ عبرتناڪ حديث پاڪ ٻڌو! حضرت ابوھريرہ رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آھي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: آخري زماني ۾ ھِن اُمت جي ڪجھ ماڻھن کي ڀولڙو ۽ خنزير بڻايو ويندو۔
وضاحت: اللہ اکبر! اسان ماڻھو خوش فھميءَ جو شڪار رھندا آھيون ته اسان رحمتِ دوجهان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي اُمّت آھيون، تنھنڪري اسان تي عذاب نه ايندو۔ ڳالھ واقعي سچي آھي، اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آھي:
وَ مَا كَانَ اللّٰهُ لِیُعَذِّبَهُمْ وَ اَنْتَ فِیْهِمْؕ- (پارو: 9، سورة انفال: 33 )
ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله جو هي شان ناهي ته انهن کي عذاب ڏي جيستائين اي حبيب! اوھان انهن ۾ تشريف فرما هجو.
پر ھيءَ ڳالھ به ياد رکڻ گھرجي ته ھن امت تي عذابِ استيصال نه ايندو يعني سموري امت کي ئي ھلاڪ ڪيو وڃي ائين نه ٿيندو۔ پر! ھڪ گھر تي ته عذاب اچي سگھي ٿو، ھڪ محلي تي ته عذاب اچي سگھي ٿو۔ ھڪ قبيلي تي ته عذاب اچي سگھي ٿو۔
جيئن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: آخري زماني ۾ ھِن اُمَّت جي ڪجھ ماڻھن کي ڀولڙو ۽ خنزير بڻايو ويندو۔ صحابہ ڪرام عليھم الرضوان حيرت مان پڇيو: يا رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! ڇا اُھي ماڻھو ايمان نه رکندا ھوندا؟ ڪلمو نه پڙھندا ھوندا؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami