Share this link via
Personality Websites!
هي آھي ته نَضْر بن حارِث جهڙا ماڻھو جيڪي پنھنجو پيسو راند رُوند جي شين تي خرچ ڪندا آھن، گانن باجن تي، انهن جي سازن سُرُوندن جي خريداريءَ تي، ميوزيڪل فنڪشنز (Musical functions) تي خرچ ڪندا آھن ته جيئن ان جي ذريعي گمراھي ڦهلائن ۽ ماڻھن کي راھِ خدا کان پري ڪري ڇڏين، ھدايت کي مذاق بڻائي ڇڏين، اھڙن لاءِ ذلت جو عذاب آھي.
تُو ڈر اپنا عنایت کر رہیں اس ڈر سے آنکھیں تر مٹا خوفِ جہاں دل سے مٹا دُنیا کا غم مولیٰ
تو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی تو ناخُوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ھن آيتِ ڪريمه ۽ سندس شانِ نزول تي غور ڪريو! ڪيترو واضح ۽ صاف معلوم ٿي رهيو آهي نچڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وغيره اسلام جي خلاف سازش آھن، اڄ کان نه، 1500 سال پهريان غير مسلم بد نصيب، ماڻھن کي اسلام کان روڪڻ لاءِ، نيڪيءَ کان دور ڪرڻ جي لاءِ، دلين کي هدايت جي نور کان پري رکڻ لاءِ گانن ۽ باجن جو استعمال ڪندا ھئا۔
نَضْر بن حارِث بدبخت ته مري کپي ويو، جھنم جي باهه ۾ سڙندو، پچندو، دانهون ڪُوڪُون ڪندو ھوندو پر افسوس...!! صد ڪروڙ افسوس! سندس شروع ڪيل سازش اڄ به جاري آھي، صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم ته ھن بدبخت جي سازش کي سمجھندا به ھئا ۽ ان کان پري به رھندا ھئا، اهي ته هن امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويا پر اَڄ...!! اَڄ غير مسلم کي اهڙيون سازشون ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي آهي، اڄ مسلمان پاڻ اڳتي وڌي انهن سازشن جو حصو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami