Share this link via
Personality Websites!
اُھي لونڊيون ائين ئي ڪنديون هيون، پوءِ ھي ڪلمو پڙھڻ جو ارادو ڪرڻ واري کي چوندو هو: ڏس! هنن ڪمن ۾ ڪيڏي لذت آھي، مُحَمَّد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جنھن ڳالھ جي دعوت ڏئي رهيا آھن، نماز وغيره جو حڪم ڏئي رهيا آھن: ڀلا ان ۾ اهڙي لذت ڪٿي آھي...!! اهڙي طرح ھن خطرناڪ ترين حربي سان ھي ماڻھن کي اسلام کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو ھو۔[1]
پر قربان وڃجي!
نُورِ خُدا ہے کفر کی حرکت پہ خندہ زَن پُھونکوں سے یہ چراغ بجھایا نہ جائے گا
نَضْر بن حارِث لکين ڪوششون ڪيون، ماڻھن کي ڏاڍو ورغلايو پر اسلام، اسلام آھي، محبوبِ خدا، مڪي مدني مصطفٰيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مقدس حسن جي تاثير، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي پيارين پيارين ڳالھين جي لذت، خوبصورت تعليمات جي روشنيءَ جي سامهون ھي ناقص ۽ ڪمزور حربا ڪٿي ٿا مقابلو ڪري سگهن، جيئن ته دليون اسلام ڏانھن مائل ٿيڻيون هيون، ٿينديون رھيون، ماڻھن کي ڪلمو پڙھڻو ھو، پڙھندا رھيا۔ اسلام وڌندو وِيجهندو رھيو ۽ نَضْر بن حارِث جون تمام ڪوششون ناڪام ٿي ويون۔
شھزادهءِ اعليٰ حضرت، علامه مصطفيٰ رضا خان صاحب رحمۃُ اللہِ علیہ لکن ٿا:
وہ حَسِیْں کیا جو فتنے اُٹھا کر چلے ہاں حَسِیْں تم ہو فتنے مِٹا کر چلے
رَبّ کے بندوں کو رَبّ سے مِلا کر چلے جلوۂ حق وہ ہم کو دِکھا کر چلے
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami