Share this link via
Personality Websites!
به ٻڌي وٺو، رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو خوشبودار ارشاد آھي: قيامت جي ڏينھن اللہ پاڪ فرمائيندو: ڪٿي آھن اُھي ماڻھو جيڪي پنھنجن ڪنن ۽ اکين کي شيطاني مزامير (يعني موسيقيءَ جي آوازن) کان پري رکندا ھئا؟ انھن کي بقيه ماڻهن کان الڳ ڪري ڇڏيو! ملائڪ کين الڳ ڪري مشڪ ۽ عنبر جي ٿَلھَن تي ويھاري ڇڏيندا، پوءِ اللہ پاڪ ملائڪن کي فرمائيندو: ھنن کي منھنجي تسبيح ۽ تحميد ٻڌايو! ملائڪ اھڙي آواز ۾ کين (اللہ پاڪ جو ذڪر) ٻڌائيندا جو ٻڌندڙن اھڙو آواز پهريان ڪڏھن نه ٻڌو ھوندو۔[1]
اللہ پاڪ اسان کي موسيقيءَ کان بچڻ، گانن باجن وغيره جي آفت کان محفوظ رھڻ ۽ ھر طرح جي گناھن کان پري رھڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ ڪاش! رحمتِ الٰھيءَ سان، شفاعتِ مصطفٰيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي صدقي بي حساب جنت ۾ داخلا نصيب ٿي وڃي ۔ اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
دعوتِ اسلامي جي ھڪ شعبي جو تعارف: آءِ ٽِي ڊپارٽمينٽ
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم آھي، جيڪا مختلف شعبن جي ذريعي ديني ۽ فلاحي خدمتن ۾ مصروفِ عمل آھي، انھن شعبن مان ھڪ شعبو آءِ ٽِي ڊپارٽمنٽ به آھي۔
ھي شعبو جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي علمِ دين ۽ نيڪيءَ جي دعوت کي عام ڪري رھيو آھي۔ ھن وقت تائين ھن ڊپارٽمينٽ جي ذريعي 55 موبائل ايپليڪيشنز مثلاً * تفسير صراط الجنان * فيضانِ حديث * فتاويٰ رضويہ * بھارِ شريعت * اسلامڪ اسپيچز * دار الافتاء اھل سنت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami