Share this link via
Personality Websites!
گھٽائي ڇڏيندو آھي ۽ ڪاراڻ وڌائي ڇڏيندو آھي.
حضرت نافع رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: مان (ننڍپڻ ۾) حضرت عبداللہ بن عمر رَضِیَ اللہُ عنہ سان گڏ ڪيڏانھن وڃي رھيو ھئس ته رستي ۾ بانسري وڄڻ جو آواز اچڻ لڳو، حضرت ابن عمر رَضِیَ اللہُ عنہ پنھنجن ڪنن ۾ آڱريون وِجھي ڇڏيون ۽ رستيءَ کان ٻئي طرف ھٽي ويا، ڪجھ پري وڃڻ کان پوءِ پڇيائون: نافع! ڇا آواز اچي رھيو آھي؟ مون عرض ڪيو: نه ھاڻي نه اچي رھيو آھي۔ اِھو ٻڌي پاڻ ڪنن مان آڱريون ڪڍي ڇڏيائون ۽ ارشاد فرمايائون: ھڪ ڀيري مان سرڪارِ مدينہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سان گڏ ڪيڏانھن وڃي رھيو ھئس، ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم به ائين ئي ڪيو جيئن مون ڪيو۔[1]
موسيقيءَ جو آواز اچي رھيو ھجي تـہ اتان ھٽي وڃو
معلوم ٿيو ته جيئن ئي موسيقيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي فوراً ڪنن ۾ آڱريون داخل ڪري اتان کان پري ھٽي وڃڻ گھرجي ڇوته جيڪڏھن آڱريون ته ڪنن ۾ وِجھي ڇڏيون پر اتي ئي بيٺا رھيا يا ويھي رھيا يا ٿورڙو پري ھٽي ويا ته موسيقيءَ جي آواز کان بچي نه سگھندؤ۔ آڱريون ڪنن ۾ نه به وِجھو پر ڪھڙي به طرح موسيقيءَ جي آواز کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ واجب آھي.
جيڪو موسيقي ٻڌڻ کان پاڻ کي بچائيندو آھي، ان خوش نصيب جو انعام
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami