Share this link via
Personality Websites!
ئي ھلايو! ڇوته ھي واحد اسلامي چينل آھي جنھن تي ھڪ سيڪنڊ لاءِ به ميوزڪ نه وڄندي آھي۔ ڪيبل يا ڊش آپريٽر جي ذريعي اھڙي سيٽنگ ڪرايو جو گھر ۾ مدني چينل کان سواءِ ۽ ڪو ٻيو چينل نه ھلي سگھي ٻي صورت ۾ چينل تبديل ڪرڻ وقت ميوزيڪل چينل اچي سگھن ٿا * ھڪ ته ٻارن کي موبائل ڏيڻ نه گھرجي، پر جيڪڏھن ڏيڻ ضروري ئي ھجي ته انهن کي سوشل ميڊيا وغيره ھلائڻ نه ڏيو! اسلامي ڪارٽون مثلاً غلام رسول کے مدني پھو ل * حمزه * ڪنيز فاطمه وغيره لڳائي ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻارن جي بھتر تربيت به ٿيندي ۽ ميوزڪ جي آفت کان به جان ڇُٽِي پوندي.
موسيقي معاشري ۾ ڏاڍي عام آھي، حالتون اھڙيون آھن جو بچڻ جو ذھن رکڻ وارو به جڏھن انتھائي ڪوشش ڪندو تڏھن ئي بچڻ جي ڪا راھَ نڪري سگھي ٿي. ان ڪري جيڪڏھن توھان ڪنھن به طرح موسيقيءَ کان نه ٿا بچي سگھو ته ان ڏانھن توجھ ھٽائي ڇڏيو! مثال طور اوھان بازار ۾ آھيو ۽ اتي ميوزڪ ھلي رھي آھي، اوھان روڪي به نه ٿا سگھو، اتان ھٽي به نه ٿا سگھو ته ھاڻي ان ڏانھن توجھ نه ڏيو! علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ميوزڪ جو آواز ڪنن ۾ نه اچي، ان جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ واجب آھي.[1]
ھي لفظ ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته: ڀرپور ڪوشش ڪرڻ واجب آھي۔ صرف پنھنجو پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ ٻه چار قدم ھٽي وڃڻ ڪافي نه آھي۔ جيتري ڪوشش اوھان جي اختيار ۾ آھي، ايتري ڪوشش ڪرڻي پوندي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami