Share this link via
Personality Websites!
وَ اِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْﭪ(۱۰) (سيپارو: 30، سورة تڪوير: 10)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏھن اعمال ناما کوليا ويندا۔
ته ھُو چوڻ لڳو: اي ڪنيز! مان توکي اللہ پاڪ جي رضا لاءِ آزاد ڪريان ٿو، ھن شراب کي ھاري ڇڏ! پوءِ ھُن مون کي پنھنجي ويجھو گھرايو ۽ چوڻ لڳو: منھنجا ڀاءُ! توھان ڇا ٿا چئو؟ ڇا اللہ پاڪ منھنجي توبھ قبول فرمائيندو؟ مون جواب ۾ ھيءَ آيت پڙھي ڇڏي:
اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ التَّوَّابِیْنَ وَ یُحِبُّ الْمُتَطَهِّرِیْنَ(۲۲۲) (سيپارو: 2، سورة بقر: 222)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله گهڻي توبهه ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي ۽ خوب صاف سٿرو رهڻ وارن کي پسند فرمائيندو آهي.
(اِھو ٻڌي ھُن شخص توبھ ڪري ڇڏي). ([1]) حضرت ابو ھاشم فرمائن ٿا: ان کان پوءِ 40 سالن تائين اسان دوستن جيان رھياسين۔ 40 سالن کان پوءِ سندس انتقال ٿي ويو۔ مون کيس خواب ۾ ڏٺو ته کانئس پڇيو: توھان سان ڪھڙو معاملو ٿيو؟ توھان جو ٺڪاڻو ڪٿي آھي؟ چيائين: منھنجي رب مون کي جنت عطا فرمائي ڇڏي۔[2]
سُبْحٰنَ اللہ! ھيءَ آھي ذڪرُ اللہ جي برڪت...!! معلوم ٿيو ته روح جي اصل غذا اللہ پاڪ جو ذڪر آھي، جيڪو مردہ دلين کي زندھ ڪري نوراني
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami