Share this link via
Personality Websites!
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
روايت آھي ته مڪي پاڪ ۾ نَضْر بن حارِث نالي ھڪ غير مسلم شخص ھو، ھي بدنصيب اسلام جو تمام وڏو دشمن ھو. ھن اسلام جي راھ ۾ رڪاوٽون وجھڻ لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو ته خوبصورت آواز ۾ گانا ڳائڻ واريون لونڊيون (Lady singers) خريد ڪري، انهن کي پاڻ وٽ رهائيندو هو، کين کارائيندو پياريندو هو ۽ سندن خوب خيال رکندو هو، ائين کڻي چئجي ته ھن بدنصيب پورو گناهن جو اڏو کولي رکيو ھو۔ جڏهن کيس خبر پوندي هئي ته فلاڻو شخص اسلام ڏانھن مائل ٿي رھيو آھي، سندس دل اسلام جي لاءِ نرم ٿي وئي آھي، عنقريب هو ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويندو ته اھڙن ماڻھن کي پنھنجي گناهن جي اَڏي تي وٺي ويندو ھو ۽ ڳائڻ وارين لونڊين کي چوندو: هن کي کاڌو کارايو، شراب پياريو ۽ خوب گانا ٻڌايو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami