Share this link via
Personality Websites!
گاريون ڏيندا آھن جو با حيا ماڻھو ٻڌي ئي نه سگھي۔ امانت داريءَ جو حال به اسان جي سامهون آھي وڌيڪ ڇا چئجي پر مسجدن ۾ جوتا به محفوظ نه آھن * مسجد جون ٽونٽيون به محفوظ نه آھن * ڪو ويچارو واٽ ويندڙن لاءِ پاڻيءَ جي ٽانڪي گھٽِيءَ ۾ رکندو آھي ته گلاس زنجير سان ٻَڌڻو پوندو آھي، اِھو اسان جي امانت داريءَ جو حال آھي۔ ھي سڀ ڪجھ نفاق ئي ته آھي. جيئن جيئن معاشري ۾ موسيقي عام ٿي رھي آھي، تيئن تيئن منافقت جون نشانيون به وڌي رھيون آھن۔ ھي آھي نام نهاد (جنهن کي نادان ماڻهو) روح جي غذا (سمجهندا آهن اُن) جو نتيجو...! معلوم ٿيو ته موسيقي روح جي غذا ضرور آھي پر اُھا انتھائي زھريلي غذا آھي، جيڪا روح کي تباھ ڪري ڇڏيندي آھي.
روح جي حقيقي غذا ڪھڙي آھي؟ اللہ پاڪ جو ذڪر...!! فرمايو ويو:
اَلَا بِذِكْرِ اللّٰهِ تَطْمَىٕنُّ الْقُلُوْبُؕ(۲۸) (سيپارو: 13، سورة رعد: 28 )
ترجموڪنزالعرفان: ٻڌو! الله جي ئي ياد ۾ دلين جو آرام آهي.
معلوم ٿيو ته روح جي اصل غذا اللہ پاڪ جو ذڪر آھي جيڪو اللہ پاڪ جي فضل سان مردہ دلين کي به زندھ ڪري ڇڏيندو آھي. حديث شريف ۾ آھي، اللہ پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: بيشڪ جيئن لوھ (Iron) تي زنگ چڙھندو آھي، ايئن ئي دليون به زنگ آلود ٿي وينديون آھن۔ عرض ڪيو ويو: يارسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! دل جي زنگ جو علاج ڇا آھي؟ فرمايائون: موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ ۽ ذڪرُاللہ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami