Share this link via
Personality Websites!
شخصيتون گھرايون وينديون آھن، ان ۾ ميوزڪ سان نعتون پڙھيون وينديون آھن۔
اي عاشقانِ رسول! سوچيو...!! ھي اسان کي ڇا ٿي ويو آھي...! اسان ڪھڙي طرف وڃي رھيا آھيون۔ تصور ڪريو...!! اُھي ماڻھو جيڪي پنجن وقتن جا پڪا نمازي به آھن، روزا به رکندا آھن، سٺا سٺا اسٽيٽس (Status) به لڳائيندا آھن پر رات جو جڏھن اڪيلائيءَ ۾ ھوندا آھن، ھينڊ فري لڳائي موبائل تي الائي ڇا ڇا ڏسندا آھن...!! سوچيو! جيڪڏھن ھيءَ عبرتناڪ حديث پاڪ اسان جي ئي متعلق ٿي پئي ...!! افسوس! رات جو موبائل تي گناھن ڀريون شيون ڏسندي ڏسندي سُمھون ۽ صبح جو باندر يا خنزير بڻجي چڪا ھجون ته ڇا ٿيندو...؟ ھاءِ افسوس! آخرت جو عذاب ته پنھنجي جاءِ تي، دنيا ۾ ئي عزت جو جنازو نڪري ويندو۔
حديثِ پاڪ ۾ آھي: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: ھن امت ۾ ھڪ قوم ھوندي، اُھي رات جو کائيندا، پيئندا، خوب کيل تماشو ڪندا، جڏھن صبح ٿيندو ته ڀولڙا ۽ خنزير بڻجي چڪا ھوندا، سندن گھر زمين جي اندر دٻجي ويندا۔ ماڻھو پڪاري رھيا ھوندا: رات فلاڻي جو گھر زمين ۾ دٻجي ويو. ٻئي طرف کان آواز ايندو: فلاڻي جو گھر به زمين ڳِيھِي وئي.
وڌيڪ فرمايائون: انھن تي آسمان کان اھڙي طرح پٿر وَسندا جيئن قومِ لوط تي وَسيا ھئا، اھڙي ئي تباھ ڪرڻ واري آنڌاري ايندي، جھڙي قومِ عاد تي آئي ھئي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami