Share this link via
Personality Websites!
ھاڻي اڳتي جيڪي عبرتناڪ الفاظ آھن، اھي توجھ سان ٻڌو! فرمايائون: بَلٰی ڇو نه (اي منھنجا صحابه! توھان صرف ايمان جي ڳالھ ڪري رھيا آھيو) وَيَصُومُونَ وَيُصَلُّونَ وَيَحُجُّونَ * اُھي روزا به رکندا ھوندا، * نمازون به پڙھندا ھوندا، * حج به ادا ڪندا ھوندا.
وضاحت: ھاڻي ته صحابہ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي حيرت اڃان وَڌِي وئي۔ اڳين امتن تي جيڪي عذاب آيا، انھن جو سڀ کان وڏو جرم ھي ھو ته اھي ڪلمو نه پڙھندا ھئا، * قومِ نوح ڪلمو نه پڙھيو ته مٿس عذاب آيو، * قومِ لوط جا ٻيا به جرم ھئا پر ڪلمو نه پڙھيائون ته مٿن عذاب آيو، * قومِ عاد ۽ ثمود به ڪلمو نه پڙھيو ته انھن تي عذاب آيو، ھتي ته ڪلمو پڙھڻ وارن تي، ايمان وارن تي، روزا رکڻ وارن تي، نمازون پڙھڻ وارن تي، حج ڪرڻ وارن تي...!! عذاب ايندو، کين باندر ۽ خنزير بڻايو ويندو...؟
عرض ڪيو ويو: يا رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! سندن جرم ڪھڙو ھوندو...؟
فرمايائون: ھِي ماڻھو موسيقيءَ جا اوزار رکڻ وارا ھوندا، ڳائڻ واريون رکڻ وارا ھوندا (گانا باجا ٻڌڻ وارا ھوندا) سڄي سڄي رات شراب پيئڻ وارا ھوندا ۽ راند رُوند ۾ مصروف رھڻ وارا ھوندا، صبح جو اٿندا ته باندر ۽ خنزير بڻجي چڪا ھوندا۔ [1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami