Share this link via
Personality Websites!
اِلَّا الْقَوْمُ الْخٰسِرُوْنَ۠(۹۹) (سيپارو: 9، سورة اعراف: 97-99)
خفيه تدبير کان بي خوف آهن ته الله جي خُفيه تدبير کان صرف تباهه ٿيندڙ قوم ئي بي خوف ٿيندي آهي.
اللہ اکبر! ڪيترن صاف ۽ واضح لفظن ۾ اسان کي جھنجھوڙيو پيو وڃي: ڇا ڳوٺن وارا بي خوف ٿي ويا آهن ...!! * نمازون قضا ڪري رهيا آھن، پوءِ به کين ڊپ نه ٿو ٿئي؟ * ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالھائي رهيا آهن، پوءِ به کين خوف نه ٿو ٿئي؟ * تور ۽ ماپَ ۾ گهٽ وڌائي ڪري رهيا آهن، پوءِ به کين ڊپ نه ٿو ٿئي؟ * ٻين جا حق کائي رهيا آھن، پوءِ به کين خوف نه ٿو ٿئي؟ * ڪمزورن کي دٻائي رهيا آهن، پوءِ به کين ڊپ نه ٿو ٿئي؟ * غيبتون ڪيون پيون وڃن، پوءِ به کين ڊپ نه ٿو ٿئي؟ * قتل عام ٿيندو پيو وڃي* بدڪاريون عام ٿينديون پيون وڃن * بد نگاھي * ڳائڻ وڄائڻ * غلط ڏسڻ، غلط ٻڌڻ، غلط ڳالھائڻ عام ٿيندو پيو وڃي * الله معاف ڪري! سَڳن رشتيدارن جي طرفان جنسي تشدد جون خبرون اينديون رھنديون آھن، ايترو ڪجھ ٿي رهيو آھي، ان جي باوجود به ڇا ڳوٺن وارا ڊڄي نه رهيا آھن؟ * ڇا کين ڊپ نه ٿو ٿئي ته رات جو سُتا پيا ھجن ته مٿانئن عذاب اچي وڃي * ڇا الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بي خوف ٿي ويا آھن ...؟ ۽ ڇا فرمايو ويو:
فَلَا یَاْمَنُ مَكْرَ اللّٰهِ اِلَّا الْقَوْمُ الْخٰسِرُوْنَ۠(۹۹) (سيپارو: 9، سورة اعراف: 99)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ الله جي خفيه تدبير کان صرف تباھ ٿيڻ وارا ماڻھو ئي بي خوف ٿيندا آھن.
معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي عذاب کان، ان جي پڪڙ کان، سندس خفيه تدبير کان بي خوف ٿي وڃڻ نقصان کڻڻ وارن ۽ تباھه ٿيڻ وارن جو طريقو آھي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami