Share this link via
Personality Websites!
آھن: اي بادشاھ جا پٽ! جيڪڏھن جنگ جي ذريعي موت کي ٽاري سگھجي ها ته اسان پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي به توھان کي بچائي وٺون ها * پوءِ عُلماء اچي چوندا آھن: اي بادشاھ جا پٽ! جيڪڏھن علم جي ذريعي موت کي روڪي سگھجي ها ته اسان ضرور تو کي بچائي وٺون ها * پوءِ ڊاڪٽر ايندا آهن ۽ چوندا آھن: اي بادشاھ جا پٽ! جيڪڏھن موت جو ڪو علاج ممڪن ھجي ها ته اسان ضرور اوھان جو علاج ڪريون ها * آخر ۾ بادشاھ ۽ وزير ايندا آهن ۽ چوندا آھن: پٽ! اسان توکي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر موت کي ڪير ٿو ٽاري سگهي؟ ھاڻي ايندڙ سال تائين توتي اسان جو سلام ھجي.
امام حسن بصري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جڏھن هي ٻڌو ته پاڻ پڪو ارادو ڪيائون ته ھاڻي سموري زندگي نه کِلندس ۽ جيسيتائين دنيا ۾ رهندس فڪرِ آخرت ۾ ئي مشغول رھندس. ([1])
بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتِبار تُو اچانک موت کا ہوگا شکار
موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ! جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!
موت آئی پہلواں بھی چل دیئے خوبصورت نوجواں بھی چل دیئے
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪرڻ جو مقام آھي، واقعي اسان ڪيڏا نه ڪمزور آھيون، الله پاڪ جو حڪم ھر لمحي اسان تي نافذ آھي، اسان ڪجھ به ڪري سندس قدرت ۽ اختيار کان ٻاھر نه ٿا نڪري سگهون۔ بابا بُلي شاھ رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ لکيو آهي:
مِٹّی دَا تُوْںْ، مِٹّی ہَوْنَا، کَاہَدِی بَلّے بَلّے
اَجْ مِٹِّی دَے اُتَّے بَنْدِیا، کَل مِٹِّی دے تَھلَّے
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami