Share this link via
Personality Websites!
اُھو فرعون ...!! اُھو ڪمزور ترين ٻانهو...!! ھُو به ته انسان ئي ھو پر جڏهن پنھنجي اوقات وِساري ويٺو ته چيائين:
اَنَا رَبُّكُمُ الْاَعْلٰى٘ۖ(۲۴) (سيپارو: 30، سورة نازعات: 24)
ترجمو ڪنزالعرفان: مان توھان جو سڀ کان اعليٰ رب آھيان.
اللہ اکبر! ڪيڏو غرور ھو، ٻانهو ھو، ڪمزور ھو پر غرور ۾ حد کان وڌي ويو، پوءِ الله پاڪ جو عذاب آيو، درياءَ جي ھڪ ئي لھر سندس ڪم پُورو ڪري ڇڏيو.[1]
نمرود به ته ٻانهو ئي ھو، ان بدبخت لشڪر تيار ڪيو، ميدان ۾ آيو ۽ چيائين: اي ابراھيم! چئه پنھنجي رب کي ته، اچي ۽ مون سان جنگ ڪري۔ حضرت ابراھيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بارگاہهِ الٰهي ۾ عرض ڪيو: اِلٰهِي تَسْمَعُ مَا يَقُولُ هٰذَا الْكَلْبُ يعني مولا! تو ٻڌو ته ھي جانور ڪهڙي نه بڪواس ڪري رھيو آھي۔ الله پاڪ حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي فرمايو: جبرائيل! اسان جي ڪمزور ترين مخلوق يعني مڇرن جو لشڪر ان ڏانهن موڪل! لهٰذا مڇر آيا، ايترا ته مڇر ھئا جو ڏينھن جو اونداھ ٿي وئي، مڇرن سندس فوج جي چَمڙِي به کائي ڇڏي، سندن ھڏين جا ڍانچا وڃي بچيا. ھڪ مڇر نمرود جي مغز ۾ اندر هليو ويو، جيڪو کيس ڏنگيندو رهندو ھو، ھُو پنھنجي سڄي حڪمرانيءَ جي باوجود، تاج و تخت ۽ حڪومت جي باوجود ھڪ مڇر کان تنگ ٿي ويو، هُن جي درٻار جو ھي قانون بڻجي ويو ھو ته جيڪو به سندس درٻار ۾ اچي، پھريان کيس مٿي ۾ 10 پادر ھڻي پوءِ ڳالھائڻ شروع ڪري، جڏهن هن کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami