Share this link via
Personality Websites!
اي عاشقان رسول! اھلِ خانه تي خرچ ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آھي* پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پنھنجن گھر وارن تي خرچ فرمائيندا ھئا * حديث پاڪ جي مطابق ھجرت کان پوءِ ھڪ وقت اھڙو به آيو جو رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پنھنجي گھر وارن لاءِ سڄي سال جو اناج جمع فرمائي ڇڏيندا ھئا. ([1])
ھن حديث پاڪ جي تحت مشھور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جيڪا شرح بيان ڪئي آهي، ان جو خلاصو هي آھي ته سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو سموري سال جي لاءِ اناج جمع فرمائڻ بنو نضير جو قلعو فتح ٿيڻ کان پوءِ جي ڳالھ آھي۔ ھيءَ ڳالهه به ذهن نشين رھي ته جيتوڻيڪ حضور جانِ ڪائنات صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سڄي سال جو اناج جمع فرمائي ڇڏيندا ھئا پر ازواج پاڪ ڪثرت سان صدقو ۽ خيرات ڪنديون ھيون، سڄي سال جو اناج جلد ئي ختم ٿي ويندو ھو ۽ نوبت فاقن تائين پھچي ويندي ھئي. ([2])
بھوکے رہتے تھے خود اوروں کو کھلا دیتے تھے کیسے صابِر تھے مُحَمَّد کے گھرانے والے
مُفتي صاحب وڌيڪ لکن ٿا: رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو سڄي سال لاءِ اناج جمع فرمائڻ ان ڪري آھي ته جيئن اِھو عمل امت جي حق ۾ سنت بڻجي وڃي، باقي پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا اھلِ خانه ڪمزور دل جا نه ھئا (پر اُھي حضرات الله پاڪ تي ڪامل ڀروسو رکڻ وارا ھئا)۔ ([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami