Share this link via
Personality Websites!
پاڻ سان گڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪريو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن مهيني پابنديءَ سان شرڪت ڪرڻ سان مستقبل ۾ شرڪت ڪرڻ اسان لاءِ آسان ٿي ويندو. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مَنْ أَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ أَحَبَّنِي وَمَنْ أَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اهلِ خانه (گهر وارن) تي خرچ ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم: (1): قيامت جي ڏينهن ميزانِ عمل تي سڀ کان پھريان ماڻهوءَ جو پنھنجي گھر وارن تي خرچ ڪيل مال رکيو ويندو. ([2]) (2): جيڪو ثواب جي نيت سان پنھنجي گهر وارن تي خرچ ڪري ته اُھو ان جي لاءِ صدقو آھي. ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami