Share this link via
Personality Websites!
جي ديني مراڪز فيضانِ مدينه ۾ ھڪ شعبو دارُ السنه جي نالي سان قائم آھي۔ ھن وقت پُوري پاڪستان ۾ تقريباً 29 دارُ السنه قائم آھن۔
شعبو دارُ السنه ھڪ ديني اڪيڊمي جي طور تي ڪم ڪندو آهي * ھتي اسلامي ڀائرن جي ديني ۽ تنظيمي تربيت ڪئي ويندي آهي * اسلامي ڀائر پنھنجي سھولت مطابق تشريف کڻي اچي علمِ دين حاصل ڪندا آھن * مختلف سنتون ۽ آداب سکندا آھن* دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن (مثلاً درس ڪيئن ڏيڻو آھي؟ انفرادي ڪوشش جو طريقو ڇا آھي؟ اجتماع جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آھي؟ قافلن لاءِ اسلامي ڀائرن کي ڪيئن تيار ڪرڻو آھي؟ اهو سڀ ڪجهه ۽ ٻين ديني ڪمن) جي تربيت حاصل ڪندا آھن * دارُ السنه جا تربيت يافته اسلامي ڀائر نه صرف پاڻ قافلن جا مسافر بڻجندا آھن * پر ٻين کي به سفر ڪرائڻ وارا بڻجي ويندا آھن۔
توھان به پنھنجي آساني مطابق دارُ السنه تي وقت ڏيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون خوب برڪتون حاصل ٿينديون.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
بهارِ شريعت ايپلي ڪيشن جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آھي، اِن سلسلي ۾ اَلحَمۡدُلله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان تمام پياري، نرالي ۽ تمام گهڻي فائدي واري موبائل ايپلي ڪيشن بھار شريعت جي نالي سان لانچ ڪئي وئي آھي * صدر الشريعه، مولانا امجد علي اعظمي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي مايه ناز تصنيف بھارِ شريعت جا ٽئي جِلد ھن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami