Share this link via
Personality Websites!
اختيار ڪيو! الله پاڪ توھان کي بلند رتبو عطا فرمائي ڇڏيندو. ([1])
اسان کي به گھرجي ته عاجزي اختيارڪريون، تڪبر کان، خود پسنديءَ کان، پنھنجي انا ۾ رھڻ کان پري رھون، بندگيءَ جو اصل معيار ئي عاجزي آھي، حقيقي ٻانهو اُهو آھي جيڪو عاجزي اپنائيندو آهي، تنهنڪري * عاجزي جا فضائل پڙھو! * پياري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي پاڪ سيرت جو مطالعو ڪريو! * قبرستان ۾ حاضري ڏيڻ جي عادت بڻايو! * دل ۾ خوفِ خدا وڌايو! * تڪبر، خود پسندي وغيره جا نقصانات پڙھو! * عاجزيءَ وارو انداز اختيار ڪريو! مثال طور * سلام ۾ اڳرائي ڪريو! * ٻين کي پاڻ کان ڀلو سمجھو! * جڏھن به دل ۾ تڪبر ۽ خود پسندي وارو خيال اچي ته پنھنجن گناھن کي ياد ڪريو! قبر ۽ آخرت جو تصور ڪريو! * جيسيتائين ٿي سگهي پنھنجو ڪم پاڻ پنھنجن ھٿن سان ڪرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عاجزي نصيب ٿيندي ۽ تڪبر ۽ خود پسندي جهڙين برين باطني بيمارين کان جان ڇٽي ويندي۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هڪ شعبي جو تعارف: دارُ السنه
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي مختلف ذريعن سان علم دين جو نور تقسيم ڪرڻ، مختلف ذريعن سان علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مشغول آھي۔ انھيءَ مقصد تحت دعوتِ اسلامي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami