Share this link via
Personality Websites!
معافي وٺي ڇڏيندو آھي ۽ جيڪو عاجزي وارو نه ھوندو آھي، جيڪو پنھنجو پاڻ کي ڪجھ سمجھندو آھي، اُھو ڳالھ ڳالھ تي ويڙھ ويڙھ ڪندو آھي۔
حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم الله پاڪ جا نبي آھن، سندن درٻار جو مشھور پکي آھي: ھُدھُد۔ ھڪ ڀيري ھُدھُد حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي اجازت کان سواءِ ڪيڏانهن ھليو ويو، ھدھد جي اهڙي حرڪت سبب حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سخت ناراض ٿيا ۽ فرمايائون: ھدھد واپس ايندو ته مان کيس سزا ڏيندس۔ جڏھن ھدھد واپس آيو ۽ ڏٺائين ته حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جلال ۾ آھن ته ھن عاجزي اختيار ڪئي ۽ پنھنجا پَرَ زمين تي گِهليندي حاضر ٿيو ۽ موقعو ڏسي، ادب جي دائري ۾ رھندي قيامت جي ڏينھن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيشِيءَ جو ذڪر ڇيڙي ڇڏيائين، بس قيامت جو ذڪر ٻڌڻ جي دير هئي، حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪَنبي ويا ۽ پاڻ ھدھد کي معاف ڪري ڇڏيائون.([1])
دل سے غرور نکلے، بہر حضور نکلے یارب! مجھے بنادے پیکر تو عاجزی کا
عاجزي ۽ انڪساريءَ سان بلندي حاصل ٿيندي آهي
حديث پاڪ ۾ آھي: آخري نبي، رسولِ ھاشمي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مَا تَوَاضَعَ أَحَدٌ لِلَّهِ إِلَّا رَفَعَهُ اللَّهُ جيڪو به الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائي ڇڏيندو آهي. ([2])
ھڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: اَلتَّوَاضُعُ لَا يَزِيدُ الْعَبْدَ إِلَّا رِفْعَةً فَتَوَاضَعُوا يَرْفَعْكُمُ اللَّهُ عاجزي ٻانهي کي صرف بلندي ئي عطا ڪندي آهي، تنهنڪري عاجزي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami