Share this link via
Personality Websites!
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ هُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ (سيپارو: 7، سورة انعام: 61)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي.
قاہر جي معنيٰ آهي: غلبو رکڻ وارو ، اختيار رکڻ وارو۔[2] آيتِ ڪريمه جو مطلب هي آهي ته الله پاڪ پنھنجن سڀني ٻانهن جي سڀني معاملن تي مڪمل قدرت ۽ اختيار رکي ٿو * هُو چاھي ته عطا فرمائي* چاھي ته پنھنجون عطائون روڪي ڇڏي* چاھي ته فائدو پھچائي* چاھي ته نقصان ۾ مبتلا ڪري ڇڏي * چاھي ته عزت بخشي * چاھي ته ذلت جي کَڏَ ۾ ڪيرائي ڇڏي * اهو ئي زندگي ڏيندو اهي* اُهو ئي موت سان مِلائڻ وارو آهي، سندس فيصلي کي رد ڪرڻ ڪنھن جي وَسَ جي ڳالھ نه آھي، سڀئي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami