Share this link via
Personality Websites!
جي برن ۽ نيڪن جي باري ۾ ٻڌايو! فرمايائون: توھان جو سٺو اھو شخص آھي جنھن مان خير جي اميد ڪئي وڃي ۽ سندس شر کان امن ھجي ۽ اوھان جو برو اھو شخص آھي جنھن مان خير جي اميد نه ڪئي وڃي ۽ سندس شر کان امن نه ھجي. ([1])
ھن حديث پاڪ جي شرح جو خلاصو آھي ته اھڙو شخص جو ماڻھن جون دليون ان جي طرف کان مطمئن ھجن، ماڻھو ان جي باري ۾ ھي اعتماد رکندا ھجن ته ھي شخص ڪنھن کي تڪليف نه ڏيندو آهي پر جيسيتائين ٿي سگهي ٻين جي خير خواھي ئي ڪندو آهي، اھڙو شخص تمام ڀلو آھي جڏهن ته اھڙو شخص جنھن کان ماڻھو ڊڄندا ھجن، کانئس ڀلائي جي اميد نه رکندا ھجن، سندس شر کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا ھجن، اھڙو شخص تمام برو آھي. ([2])
مسلمان جو خون، مال ۽ عزت مسلمان تي حرام آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو پيارو مذھب اسلام ھر مسلمان جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو۔ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو فرمانِ عاليشان آھي: كُلُّ الْمُسْلِمِ عَلَى الْمُسْلِمِ حَرَامٌ دَمُهُ وَمَالُهُ وَعِرْضُهُ يعني ھر مسلمان جو خون، مال ۽ عزت ٻئي مسلمان تي حرام آھي. ([3])
مشھور مفسرِ قرآن حضرت مفتي احمد يار خان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ ھن حديث پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا ته: ڪو به مسلمان ڪنھن ٻئي مسلمان جو مال سندس اجازت کان سواءِ نه کڻي، ڪنھن جي بيعزتي نه ڪري، ڪنھن مسلمان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami