Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! بھرحال! الله پاڪ غالب آھي، سندس اختيار ھر وقت اسان تي ھلندو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته *ان جي بارگاهه ۾ عاجزي اختيار ڪريون، * تڪبر کان ھر وقت بچندا رھون، * طاقت ۽ قوت جي نشي ۾ نه اچون۔ * ڪنھن کي تڪليف نه پھچايون. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اِنَّ الَّذِیْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ ثُمَّ لَمْ یَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَ لَهُمْ عَذَابُ الْحَرِیْقِؕ(۱۰)
(سيپارو: 30، سورة بُروج: 10)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ جن مسلمانن مردن ۽ مسلمان عورتن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪيو پوءِ توبهه نه ڪئي انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ باهه جو عذاب آهي.
معلوم ٿيو ته مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ انتھائي سخت ترين جرم آھي جنھن جي سزا دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه آھي۔
اي عاشقان رسول! تمام گهڻي افسوس جي ڳالھ آھي جو اڄڪلهه مسلمانن کي تڪليف پھچائڻ تمام معمولي سمجھيو وڃڻ لڳو آھي، ماڻھو بي خوف ٿي ٻين کي تڪليف ڏيندا آھن ۽ بلڪل به نه ڊڄندا آھن * ڪو چغليون هڻي ٻين کي تڪليف پھچائيندو آھي * ڪو گاريون ڏئي دل ڏکائيندو آھي * ٻين جي مال تي ناحق قبضو ڪري * بي ڏوهه ۽ بي محل ڪاوڙ ڪري * ماري * مارائي * ماڻھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي* تور ۽ ماپ ۾ ڪمي ڪري * مال لُٽي * مذاق اُڏائي* طعنن جا تير وسائي* پرينڪ جي نالي تي ٻين جي عزتِ نفس سان کيڏي *
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami