Share this link via
Personality Websites!
گَنْدُم زِ گَنْدُم جَوْ زِ جَوْ اَزْ مَکَافَاتِ عَمَل غَافِل مَشَوْ
وضاحت: ڪڻڪ پوکيندؤ ته ڪڻڪ ئي لُڻندؤ، جَوَ پوکيندؤ ته جَوَ ئي لُڻندؤ ، دنيا مڪافاتِ عمل آھي يعني ھتي Tit For Tat (جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي) وارو قانون آھي، ان کان غفلت نه ڪريو!
بَونے والے جو بَوئیں وہ کاٹیں یہ ہوا تو مَرْ مِٹا یاربّ!
آہ جو بَو چُکا ہوں وقتِ دِرَوْ ہو گا حَسْرَت کا سامنا یاربّ!
مجھے دونوں جہاں کے غم سے بچا شاد رکھ شاد دائما یا ربّ! ([1])
امام ذھبي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ لکن ٿا: ڪنھن بزرگ ھڪ شخص کي ڏٺو جنھن جي ٻانهَن ڪُلهي وٽان ڪٽيل ھئي ۽ ھُو اعلان ڪري رھيو ھو ته جنھن مون کي ڏٺو اُھو ھرگز ڪنھن تي ظلم نه ڪري۔ مون کانئس ان جو سبب پڇيو ته ھو چوڻ لڳو: منھنجو معاملو وڏو عجيب ۽ غريب آھي، مان بدمعاشن جو ساٿي ھيس، ھڪ ڏينھن مان ھڪ مُهاڻي کان مڇي ڦُرِي ۽ گھر ڏانھن روانو ٿي ويس، رستي ۾ مڇيءَ منھنجو آڱوٺو زخمي ڪري وِڌو، جيئن تيئن ڪري مان گھر پھتس ۽ مڇيءَ کي ھڪ طرف رکي ڇڏيو۔ آڱوٺي جي سُورَ ۽ تڪليف جي ڪري مان سڄي رات سمهي نه سگھيس۔ صبح ٿيو ته مان طبيب وٽ ويس ۽ کيس پنھنجو سڄيل زخمي ھٿ ڏيکاريو۔ ھن چيو ته آڱوٺو ڪٽڻو پوندو نه ته اڳتي هلي سڄو ھٿ ڪٽڻو پوندو، تنهنڪري مان پنھنجو آڱوٺو ڪٽرائي ڇڏيو۔ پوءِ ھڪ ڏينھن منھنجي ھٿ ۾ ڌڪ لڳو ته پراڻو زخم تازو ٿي ويو، مون کي شديد تڪليف ٿي رھي ھئي، مان طبيب وٽ ويس ته ھُن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami