Share this link via
Personality Websites!
7 سَتَن زمينن تائين دٻايو ويندو
فرمانِ آخري نبي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم: جيڪو زمين جو ڪجھ حصو ناحق ڦٻائيندو ان کي قيامت جي ڏينھن 7 زمينن جي اندر دٻايو ويندو۔ [1]
سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: جيڪو شخص ظلماً هڪ گراٺ جيتري زمين ڦٻائيندو الله پاڪ کيس ان ڳالھ جو پابند ڪندو ته ھُو ان زمين کي 7 زمينن جي تَهه تائين کوٽي پوءِ قيامت جي ڏينھن کيس ان جو طوق پارائيندو ايسيتائين جو ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي.[2]
ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسِطے اٹّھیں بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یاربّ![3]
ڏاڍي خوبصورت حديث پاڪ آھي، اسان کي اِھاَ ھميشہ ياد رکڻ گھرجي! حضور جانِ ڪائنات، شاہهِ موجودات صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اَلْبِرُّ لَایَبْلٰی نيڪي ڪڏھن پراڻي نه ٿيندي آھي وَالذَّنْبُ لَا يُنْسَى گناھ ڪڏھن وِساريو نه ويندو آھي وَالدَّيَّانُ لَا يَمُوتُ ۽ بدلو ڏيڻ واري ذات (يعني الله پاڪ) کي ڪڏھن موت نه ايندو اِعْمَلْ مَا شِئْتَ جيڪو چاھيو سو ڪريو! كَمَا تَدِينُ تُدَانُ جيڪو پوکيندؤ، سو ئي لُڻندؤ. ([4])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami