Share this link via
Personality Websites!
عورت انڌي ٿي چڪي ھئي، ڀتين جي سهاري گهمندي هئي ۽ چوندي ھئي: مون کي سعيد بن زيد جي بددعا لڳي آھي، آخرڪار ھڪ ڏينھن گھر ۾ ئي ھلندي هلندي کُوههَ ۾ ڪري مري وئي ۽ اُهو کُوهه ئي سندس قبر بڻجي ويو[1].
اللہ اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! الله پاڪ غالب آھي...!! سندس اختيار ھلي ٿو۔ اڄڪلهه به ماڻھو زمينن تي ناجائز قبضا ڪندا آھن، غريب ويچارو ڪو ننڍو وڏو پلاٽ ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته ان کي قبضا گروپ کان بچائڻ ھڪ الڳ ڪم هوندو آھي۔ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي باوجود به جيڪڏھن سندس زمين تي قبضو ٿي وڃي ته ايلاز منٿون ڪرڻ جي باوجود به قبضا خورن کي مٿس ترس نه ايندو آھي پر سندس ئي زمين کيس واپس ڪرڻ لاءِ ڳري رقم طلب ڪئي ويندي آھي، جيڪڏھن اُھو مظلوم شخص قبضو ڇڏرائڻ لاءِ ڪورٽ ڪچھري جو دروازو کڙڪائيندو آهي ته اهڙا اهڙا حربا اختيار ڪيا ويندا آھن جو زمين جو اصل مالڪ زمين جي اندر دفن ٿي ويندو آهي پر کيس زمين واپس نه ملندي آھي۔ زمينن تي قبضو ڪرڻ وارن کي هوش ڪرڻ گھرجي ته اڄ جنھن زمين تي قبضو ڪري هُو خوش ٿي رھيا آھن ۽ مظلوم جون بد دعائون کڻي رھيا آھن سڀاڻي مرڻ کان پوءِ اهائي زمين ڳلي جو طوق بڻجي رسوائي جو سبب نه بڻجي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن دنيا ۾ ئي قبضا گروپن جو انجام قتل ۽ خونريزي ۽ قيد جي صورت ۾ ٻين جي لاءِ عبرت بڻجي ويندو آهي. جيڪڏھن فرض ڪريو کين دنيا ۾ پنھنجي ڪيل جي سزا نه به ملي تڏهن به مرڻ کان پوءِ کين زمين ۾ ئي دفن ٿيڻو آھي ۽ مرڻ کان پوءِ ان حرام ۽ ناجائز عمل جون جيڪي سزائون ملنديون، اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!! اُنهن جي باري ۾ احاديث ڪريمه ٻڌو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami