Share this link via
Personality Websites!
ٻار ذريعي سندس گھر پھچي وئي۔ جيڪو پوڙھو شخص ھو، اُن پنھنجي جوانيءَ ۾ ھن امير شخص جي والد کي قتل ڪيو ھو، اڄ ان قتل جي بدلي ۾ ھو پاڻ قتل ٿي ويو۔ اهڙي طرح مزدور کي پنهنجي مزدوري به ملي وئي ۽ قاتل کي ان جي سزا به ملي وئي. ([1])
الله اڪبر! الله سڀني تي غالب آهي...! ڪو به ظالم اهو نه سمجهي ته مان بچي ويندس، ڪو به زيادتي ڪندڙ اها ڳالهه ذهن ۾ نه آڻي ته مان سوڙهي گهٽيءَ مان نڪري ويندس، ڪو به طاقتور ائين نه سمجهي ته ڪو منهنجو ڪجهه بگاڙي سگهندو...!! الله سڀني تي غالب آهي.
مسلم شريف جيڪو حديث پاڪ جو وڏو مشھور ڪتاب آھي، ان ۾ روايت آھي ته ھڪ پوڙهي عورت ھئي، اُن صحابيءِ رسول حضرت سعيد بن زيد رَضِیَ اللہُ عنہ جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ساڻس جهيڙو ڪيو.
حضرت سعيد بن زيد رَضِیَ اللہُ عنہ جھڳڙي ۾ پوڻ بجاءِ فرمايو: ھيءَ زمين ان پوڙھي عورت کي ڏئي ڇڏيو۔ مون رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو آھي: مَنْ أَخَذَ شِبْرًا مِنَ الْأَرْضِ بِغَيْرِ حَقِّہٖ طُوِّقَہٗ فِي سَبْعِ أَرَضِينَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ يعني جنھن شخص ھڪ گِرانٺ جيتري زمين به ناحق ڦَٻائي قيامت جي ڏينھن ان جي ڳِچِيءَ ۾ 7 زمينن جو طوق وِڌو ويندو.
ان کان پوءِ پاڻ دعا فرمايائون: اَللّٰھُمَّ إِنْ کَانَتْ کَاذِبَۃً فَأَعْمِ بَصَرَہَا وَاجْعَلْ قَبْرَہَا فِي دَارِہَا يعني يا الله پاڪ! جيڪڏھن ھيءَ ڪُوڙي آھي ته اُن کي انڌو ڪري ڇڏ ۽ سندس قبر سندس ئي گھر ۾ ٺاھي ڇڏ. راوي فرمائن ٿا ته: مون ڏٺو ته ھُوءَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami